فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي)  فيض گنج لڳ مبينا طور ڪارنهن الزام ۾ نوجوان سئوٽن هٿان ڪهاڙيون ۽ لٺيون هڻي قتل، 2 جوابدار گرفتار، قتل جو اعتراف. فيض گنج ٿاڻي جي حد ڳوٺ چنيسر خاصخيلي ۾ مبينا طور نوجوان علي عباس خاصخيلي کي جوابدارن ڪهاڙيون ۽ لٺيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي علي عباس خاصخيلي جي قتل واري اطلاع تي فيض گنج پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ فيض گنج جي سرڪاري اسپتال آندو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ قتل ٿيل علي عباس خاصخيلي جي ڀاءُ علي حيدر خاصخيلي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيوته منهنجو ڀاءُ علي عباس خاصخيلي دڪان تي ستل هو ته جوابدارن غلام مصطفيٰ خاصخيلي، سينگار، رحيم ، امداد خاصخيلي سميت 6 جوابدارن دڪان تان زبردستي هن کي کڻي گهر وٺي وڃي تشدد ڪري ڌڪ هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيوته جوابدار اسان جا سئوٽ آهن جن اسان سان ظلم ڪيو آهي. هن چيو ته جوابدارن ڀاءُ کي قتل ڪرڻ بعد اسان کي اطلاع ڏيڻ بجاءُ ڀاءُ کي قتل ڪري فيض گنج پوليس کي اطلاع ڏنو. هن مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي. نوجوان جي قتل بعد سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي مقتول نوجوان 5 ٻارن جو پيءُ پڻ هو جڏهن ته واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو آهي.