حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ داخلائن لاءِ پري ايڊميشن انٽري ٽيسٽ ٿي جنهن ۾ سنڌ سميت پاڪستان جي مختلف علائقن مان 4533 اميدوارن حصو ورتو. ٽيسٽ لاءِ 70 بلاڪ جوڙيا ويا جڏهن ته شاگردياڻين لاءِ جدا ونگ قائم ٿيل هئي. اها ٽيسٽ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي پنجن ئي فيڪلٽين، انفارميشن ٽيڪنالاجي سينٽر، انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجيز ۽ لاڳاپيل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري، خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي خيرپورميرس ۽ سب ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ تدريسي سال 23-2022ع جي انڊر گريجوئيٽ ڊگري پروگرام جي پهرين سال ۾ نئين داخلا لاءِ ورتي وئي. ٽيسٽ پبلڪ اسڪول لطيف آباد ۾ ٿي جنهن لاءِ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت قدم کنيا ويا هئا. اميدوارن ۾ 634 عورت اميدوار به شامل هيون. ٽيسٽ 100 سوال 100 منٽن جي ايم سي ڪيوز جي بنيادن تي ٿي. ٽيسٽ دوران زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري پبلڪ اسڪول پهچي هلندڙ ٽيسٽ جو جائزو ورتو. ميڊيا سان ڳالهائيندي وائيس چانسلر چيو ته نوجوانن لاءِ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ سميت زراعت سان لاڳاپيل مختلف شعبن ۾ نوڪرين جا موقعا موجود آهن. هن ڀيري يونيورسٽي توڙي ان سان لاڳاپيل ڪاليجن ۽ سب ڪئمپس ۾ 8 نوان ڊگري پروگرام شروع ڪيا ويا آهن. ڪاليجن ۽ سب ڪئمپس ۾ هن ڀيري داخلا وٺندڙ شاگردياڻين جي في به ختم ڪئي وئي آهي.