دولتپور صفن (ن پ ا) دولتپور ويجهو سيڙهه ڀوپن جي ور چڙهي وئي، مارڻ بعد سندس جسم مان ڪنڊا ڪڍيا ويا، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، ڪارروائي جو مطالبو، تفصيل موجب دولتپور صفن ويجهو ڀوپن هٿان ماريل سيڙهه جو وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته 3 ماڻهو سيڙهه جي جسم مان ڪنڊا ڪڍي رهيا آهن، سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان دلچسپ تبصرا پڻ سامھون آيا آهن، جن ۾چيو  پيو وڃي ته ھي انتھائي معصوم جانور آهي، جانور مان انسانن کي ڪنھن به قسم جو ڪو خطرو ناهي هوندو، کيس مارائيندڙ صرف تعويذ ڦيڻا ڪندڙ ڀوپا ۽ جعلي عامل ھوندا آھن، جن کي ھن جا ڪنڊا ڪاري علم ۽ جادو ۾ گهربل هوندا آهن، سوشل ميڊيا تي اهو مطالبو ڪيو پيو وڃي ته جانور کي ماري سندس جسم مان ڪنڊا ڪڍندڙ شڪارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.