نئون ڳوٺ (ن پ ا) درگاھ سعدي موساڻي تي سکا کڻي ايندڙ ڳوٺ ٻرڙا جي زيارتين سان ڀت نه ملڻ تي مقامي نوجوانن جو جھيڙو سروٽا لتون مڪون لڳڻ جي نتيجي ۾ ٽن زيارتين عورتن ۽ ھڪ نوجوان پيرل جتوئي سميت 4 ڄڻا زخمي جيھڙو ٿاڻي جي ڀرسان سرڪاري مسافر خاني ۾ ٿيو پوليس پيرل جتوئي جي فرياد تي جوابدارن وقار سولنگي فاروق سولنگي سميت ستن ڄڻن خلاف اين سي داخل ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او نئون ڳوٺ مختيار بالادي پنهنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته جوابدارن ننگر نه ملڻ تي مسافرن سان جيھيڙو ڪري ڪجهه عورتون به زخمي ڪيون آھن انھن خلاف ڪا به رعايت نه ٿيندي فريادي سان انصاف ٿيندو.