فيصلو عمران جَي حق ۾ اچي ته ٺيڪ، نه ته ڀرپور احتجاج ڪرڻو آهي: پرويز خٽڪ جي مبينا آڊيو وائرل

0
340

ڪراچي: پرويز خٽڪ جي عمران خان خلاف فيصلو اچڻ جي صورت ۾ ڪارڪنن کي پرتشدد احتجاج لاءِ ڀڙڪائڻ واري مبينا آڊيو وائرل ٿي وئي آھي

پرويز خٽڪ مبينا آڊيو ۾ چئي رهيو آهي ته تحريڪ انصاف جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ٻڌايان ٿو ته توشه خانه ڪيس جو اڄ فيصلو ٿيڻو آهي

پرويز خٽڪ مبينا آڊيو ۾ چئي رهيو آهي ته فيصلو عمران جَي حق ۾ اچي ته ٺيڪ، نه ته ڀرپور احتجاج ڪرڻو آهي، پرويز خٽڪ مبينا آڊيو ۾ پارٽي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن کي ضلعي سطح تي احتجاج ڪري رستا بند ڪرڻ جو چئي رهيو آهي

ھي به پڙھندا

عمران خان خلاف توشه خانه ڪيس جو فيصلو اڄ ٿيندو