سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جا واقعا: مبينا چور سميت 4 ڄڻا مارجي ويا

0
196
ميهڙ: مامي فائرنگ ڪري پنهنجي ٻن نوجوان ڀاڻيجن کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار گرفتار
ميهڙ: مامي فائرنگ ڪري پنهنجي ٻن نوجوان ڀاڻيجن کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار گرفتار

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جا واقعا: هڪ مبينا چور سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ نور سبزوئي ۾ اخباري هاڪر رفيق سبزوئي جي گهر ۾ چوري جي ڪوشش دوران فائرنگ ڪئي وئي

گهر ڌڻي عبدالرشيد سبزوئي قتل ٿي ويو، ڀاڳين جي فائرنگ ۾ مبينا چور عبدالواحد سبزوئي به مارجي ويو آھي

سکر ۾ مهمان ٿي آيل تنگواڻي واسي شفيع محمد کوسو گوليون لڳڻ ڪري قتل ٿي ويو

پوليس موجب مقتول ڪشمور جي اڳوڻي ٽائون چيئرمين اسرار کوسو جي اوطاق تي ستل هو ته کيس قتل ڪيو ويو

 همايون ويجهو به پراڻي تڪرار تان نوجوان علي نواز ڀيو قتل ٿي ويو، علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو

ھي به پڙھندا

ڪراچي: ايم ڪيو ايم لنڊن جو ”را“ جي تربيت يافته دهشتگرد گرفتار