ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج درانيءَ لاهور ۾ ڪورڪمانڊر ھائوس سميت فوجي عمارتن تي حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته وڳوڙين ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، جيڪڏھن مٿن ڪارروائي نه ٿي ته ڪو ٻيو به اھڙي طرح حملا ڪندو، اسان قانون موجب عدالتن کي منھن ڏئي رھيا آھيون، احتساب عدالت ۾آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس جي ٻڌڻي دوران اسپيڪر آغاسراج دراني ۽ ٻيا پيش ٿيا، عدالت نيب پاران جواب داخل نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جنهن تي  نيب کان مھلت گهري ورتي، ڪيس جي ٻڌڻي 17 جون تائين ملتوي ڪئي وئي.