مٽياري (رپورٽر) اسلم پيرزادو گرفتار ٿيو يا سندس ضمانت رد ٿي ته اها خوشي جي ڳالهه آهي، جنهن به ڪرپشن ڪئي آهي اهو پنهنجو حساب پاڻ ڏي، صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان مٽياري ۾ پريس سان ڳالهائيندي چيو ته اسانکي جاچ ڪندڙ ادارن تي اعتماد آهي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيھنداسين، 9 مئي ڪارو ڏينهن آهي، ضلعو مٽياري ايم سڪس نائين ميگا ڪرپش ۾  ڪجهه آفيسرن جي ڪرپشن جي ڪرڻ سبب بدنام ٿيو، ڪرپشن ڪيل پئسا لڳ ڀڳ واپس ٿي چڪا آهن، ۽ اسان موٽروي جو ڪم به سڀ کان پهريان شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.