شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ويجهو ڳوٺ ڊرٻ چانڊيا ۾ ٻارن جي ڳالهه تان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، ڪھاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ سبب هڪ عورت خديجان چانڊيو زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڳوٺ ڊرٻ چانڊيا جي رھواسي خديجان چانڊيو ٻڌايو ته اسان جو ڳوٺ ميروخان تعلقي ۾ آهي اڄ ٻارن جي ڳالهه تان مون کي جوابدارن علي خان، سلطان، علي بخش، حيدر چانڊيو ڪھاڙيون ۽ لٺيون ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. جوابدار بااثر آهن ميرو خان پوليس  جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري مان ميروخان ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس ھڪ به جوابدار گرفتار نه ڪيو آهي.