اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن ۾ سنڌ جي ميمبر نثار دراني جي مقرري چيلنج ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري نثار دراني جي مقرري غير آئيني قرار ڏيڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي. هن موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ميمبر سنڌ حڪومت جي ماتحت اداري ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي، نثار دراني اليڪشن ڪميشن ميمبر رهڻ جو اهل ناهي، تنهن ڪري کيس عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي لاءِ اڄ مقرر ڪري ڇڏي آهي.