اسلام آباد(م ڊ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ آمريڪا جي صدر جو بائيڊن وچ ۾ ملاقات ٿيندي. پرڏيهي وزارت جي پڌرائي موجب وزيراعظم جنرل اسيمبلي ۽ آمريڪا جي صدر جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو جتي سندس آمريڪي صدر سان ڳالهه ٻولهه به ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف 23 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. هو خطاب ۾ ٻوڏ جي عالمي چيلنجن، ماحولياتي تبديلي، عالمي ۽ علائقائي تڪرارن ۽ ڄمون ڪشمير تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. پڌرائي موجب پرڏيهي وزارت بلاول ڀٽو زرداري به آمريڪا ۾ اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندو، هو مختلف ٿنڪ ٽينڪس سان ڳالهيون ڪندو ۽ مختلف تقريبن ۾ شرڪت ڪندو.