اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) تحريڪ انصاف جي ڪور ڪاميٽي جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، ذريعن موجب گذريل ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ڪجهه ميمبرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پارٽي پاليسي تي عمل ڪرڻ تي زور ڏنو. ذريعن موجب عمران خان ميمبرن کي چيو ته مون کي خبر آهي ته ڪجهه ماڻهو اسٽيبلشمينٽ سان مليل آهن، ڪو ”باءِ پاس“ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري. ذريعن موجب عمران خان ميمبرن کي پارٽي پاليسي موجب ٽوئيٽ ڪرڻ جو چيو ۽ پارٽي پاليسي تي عمل لاءِ شيرين مزاري کي نگران بڻائي ڇڏيو. ذريعن موجب عمران خان چيو ته جلد احتجاج جو سڏ ڏئي رهيو آهيان، سڀ تنظيمون فعال گهرجن، عمران خان ڪور ڪاميٽي ميمبرن کي احتجاج لاءِ مالي بندوبست جو به چيو.