ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل، نجيب هارون، ڊاڪٽر سيما ضياءَ، ثمر علي خان ۽ جاويد عمر جي ايف آءِ اي انڪوائري خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ايف آءِ اي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، عدالت ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل چيو  ته ايف آءِ اي ڪيس داخل ڪرڻ چاهي ٿي پر عدالتي اسٽي سبب ڪارروائي متاثر ٿي رهي آهي، جنھن تي عدالت ايف آءِ اي کي چيو ته توهان انڪوائري مڪمل ڪريو، ايندڙ ٻڌڻي تي اسٽي جو معاملو ڏسنداسين، ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي چيو ته ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ ميڊيا سينٽر جي نالي تي بينڪ اڪائونٽ آهن جن کي درخواستگذار هلائي رهيا آهن ، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 6 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي،