گجرانوالا: تحريڪ انصاف حملي ۾ اعتراف ڪندڙ شخص جو وڊيو رد ڪري ڇڏيو، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حماد اظهر چيو ته هي ايترو سولو ناهي جو فوري طور اعتراف اچي ويو آهي، عوام کي بيوقوف سمجهڻ بند ڪريو، ماضي ۾ پيسن عيوض آپگهاتي بمبارن کي ورتو ويندو رهيو آهي، تحريڪ انصاف اڳواڻ شهباز گِل به وڊيو ۾ موجود شخص جو بيان رد ڪري ڇڏيو، شهباز گِل چيو ته وڊيو ۾ اعترافي بيان ڏيندڙ شخص ۽ فائرنگ ڪندڙ جي ڪپڙن ۾ وڏو فرق آهي.