لنڊن (م ڊ) وزير آباد ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي ٿيل قاتلاڻي حملي تي سندس اڳوڻي گهرواري جمائما ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽر پيغام هن لکيو ته پنهنجي پٽن طرفان ان بهادر نوجوان جي ٿورائتي آهيان، جنهن حملو ڪندڙ سان مقابلو ڪيو ۽ کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي. هن لکيو ته الله جو شڪر آهي جو عمران خان ٺيڪ آهي.