ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي  گورنر ڪامران  ٽسوري چيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا  5 نوان ميمبر جلد مقرر  ٿيندا، جڏهن ته حيدرآباد يونيورسٽي جي قيام لاءِ اڳڀرائپ ٿي آهي  گريجيوئٽس فورم جي صدر عبدالقادر خانزادي  سان ملاقات دوران صوبي ۾ تعليم کي هٿي ڏيارڻ، سماجي  ۽ شعبي جي ترقي، نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جي موقعن جي فراهمي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عبدالقادر خانزادي گورنر کي حيدرآباد ۾ رٿيل تعليمي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.  جنهن تي  گورنر چيو ته صوبي جا تعليمي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم ڪيا ويندا.