اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات فيصل ڪريم ڪنڊي مولانا فضل  الرحمان کي 10 سوالن جو جواب ڏيڻ جو چيلينج ڪندي چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ٻڌائي ته ڪهڙن ماڻهن سان ملاقات سبب فضل الرحمان زرداري هائوس ۾ ٿيل افطار پارٽي ۾ دير آيو هو؟ آزادي مارچ ڪنهن جي معاهدي تي ختم ڪيو؟ لانگ مارچ ڇو روڪرايو؟ هن چيو ته مولانا فضل الرحمان اهو به ٻڌائي ته پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان هن سنڌ حڪومت کان ڇو ڊي سي ۽ ايس پي لڳائڻ جون فرمائشون ڪيون؟ پي ڊي ايم جو پليٽ فارم استعمال ڪري هن ٺيڪا حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڇو ڪيون؟ پي ٽي آءِ بدران ا پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪنهن جي چوڻ تي نشانو بنائڻ شروع ڪيو، استعيفائڻ تي عمل ڇو ناهي ڪيو؟  پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمد الله  فيصل ڪريم ڪنڊي جي بيان جو جواب ڏيندي چيو آهي ته فيصل ڪريم ڪنڊي پنهنجي حيثيت مطابق سوال ڪري، بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري سوال ڪري ته اسان جواب ڏينداسين، فيصل ڪريم مولانا فضل الرحمان تي الزام لڳائي پنهنجو سياسي قد وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.