ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) وفاقي سرڪار پاران مشهور مزاحيه اداڪار عمر شريف جي علاج لاءِ ميڊيڪل بورڊ قائم، سندس گھرواري پاران وفاقي سرڪار کان عمر شريف جو آمريڪا مان علاج ڪرائڻ جو مطالبو، ان حوالي سان ڪالهه ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل اداڪار عمر شريف جي عيادت لاءِ وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ گورنر عمران اسماعيل اسپتال پهتا، هنن  عمر  شريف جي گھرواري زرين غزل کان سندس طبيعت بابت پُڇا ڪئي، ملاقات دوران زرين غزل وفاقي حڪومت جي نمائندن کي اپيل ڪئي ته عمر شريف جو علاج آمريڪا مان ڪرايو وڃي، جنهن تي گورنر ۽ وفاقي وزير کيس خاطري ڪرائي ته وزيراعظم جي هدايتن تي ڊاڪٽر ياور ۽ ڊاڪٽر فيصل جي سربراهي ۾ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو آهي، ميڊيڪل بورڊ جي سفارشن آڌار فيصلو ڪيو ويندو ته سندس علاج  ڏيهه يا پرڏيهه ۾ ڪرايو وڃي، ٻئي طرف اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير فواد چوڌري  چيو ته عمر شريف اسان جو اثاثو آهي،کيس علاج لاءِ پرڏيهه موڪلڻ وارو فيصلو ميڊيڪل بورڊ پاران ڪيو ويندو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گورنر ۽ اسان ڊاڪٽر ناهيون. ان موقعي تي گورنر عمران اسماعيل چيو ته وزيراعظم عمران خان صحت جي وفاقي وزير کي عمر شريف جي علاج لاءِ ِ هدايتون جاري ڪيون آهن عمر شريف جو ڪالهه ڊائلائسز ٿيو آهي، هن چيو ته ڊاڪٽر ياور ۽ ڊاڪٽر فيصل جي سربراهي ۾ عمر شريف جي علاج ۽ چڪاس لاءِ بورڊ قائم ڪيو ويو آهي، صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي، انهي کان اڳ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب به اسپتال پهچي عمر شريف جي گھرواري زرين غزل سان ملاقات ڪري تفصيل پڇيا، ان حوالي سان مرتضيٰ وهاب چيو ته عمر شريف سڄي ڄمار خوشيون پکيڙيون، اڄ قوم سندس صحتيابي ۽ ڊگھي ڄمار لاءِ دعائون پئي گھري. هن چيو ته سنڌ حڪومت سندس علاج لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي.  جڏهن ته عمر شريف جي گھرواري زرين غزل چيو ته پاڪستان ۾ اوپن هارٽ سرجري خطرناڪ آهي، علاج لاءِ آمريڪا جي ويزا ڏني وڃي، هن گھُر ڪئي آهي ته ايئر ايمبولينس يا بزنس ڪلاس مهيا ڪيو وڃي ته جيئن سندس آمريڪا مان بهتر علاج ڪرائي سندس زندگي بچائي سگھجي.