لاهور (م ڊ) پنجاب جي سينيئر وزير عليم خان وزارت تان استعيفا ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. خانگي ٽي وي چئنل سان  ڳالهائيندي عليم خان چيو ته ذاتي مصروفيتن سبب استعيفا ڏيڻ چاهيان ٿو، وزيراعظم سان 6 مهينا اڳ ملاقات ٿي هئي، جنهن ۾ ان کان استعيفا جي اجازت گهري هئي، وزيراعظم کي ٻه ٽي ڀيرا وزارت تان استعيفا ڏيڻ جو چئي چڪو آهيان. هن چيو ته وزيراعظم جنهن ڏينهن اجازت ڏيندو ته استعيفا ڏئي ڇڏيندس. واضح رهي ته تازو پنجاب حڪومت چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب کي به عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ صوبائي ڪابينا ۾ ڦير ڦار جو امڪان به ظاهر ڪيو ويو هو.