ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وفاقي سرڪار سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيس جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي جي آءِ ٽي جوڙي آهي، جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب ملير ضلعي جي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي داخل ڪيس  (ايف آءِ آر نمبر 48/2021)  جي انڪوائري ايف آءِ اي جي ڪارپوريٽ سيڪٽر جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد فاروق جي سربراهي ۾ 5 رڪني جي آءِ ٽي  ڪندي، جي آءِ ٽي  ۾ ايس ايس پي ملير سميت ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا آفيسر  شامل ڪيا ويا آهن.