فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد جي ٽرانسپورٽرن پاران ڳرا ڀاڙا وٺڻ، ماڻهن عورتن سان بداخلاقي ڪرڻ خلاف ڇنڊڻ موري تي سولنگي برادري جي سوين ماڻهن  فاروق سولنگي، حاجي خان سولنگي، امتياز علي سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائرن کي باھيون ڏئي ميھڙ فريدآباد روڊ بند ڪري ڇڏيو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٽرانسپورٽرن جون من مانيون وڌي ويون آهن، جيڪي ھڪ ته اسان مسڪينن کان ڳرا ڀاڙا وٺن ٿا ٻيو ته ڀاڙي جا ڪجهه پئسا نه ھئڻ تي ماڻهن سان بداخلاقي سان پيش اچي کين اڌ رستي تي لاھي ڇڏين ٿا .ھنن سرڪار ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فريدآباد جي ٽرانسپورٽن جي من مانين ۽ ڳرن ڀاڙن وٺڻ جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.