کيبر (ن پ ا) ڳوٺ جمع شھوڪ پرائمري بوائز ۽ گرلز اسڪول ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب ٻار ۽ نياڻيون گرمي ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. بوائز اسڪول جي ھيڊ ماستر عبدالعزيز شھوڪ، فاروق شاھ، نبي بخش شھوڪ ۽ عطا محمد شھوڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پھرين کان وٺي پنجين ڪلاس تائين شاگرن جي داخلا 254 آھي، چار استاد شاگردن کي تعليم ڏئي رھيا آھيون، ڇهه مان چار روم کليل آھن. ھيڊ ماستر عبدالعزيز شھوڪ ٻڌايو ته اسڪول جي بجيٽ اوڻيهه ھزار ڪجهه سو آهي،  اسڪول جي ڪم ڪار ۾ لڳائي ويندي آهي.  ٻئي پاسي گرلز اسڪول جي ٽيچر چيو ته اسڪول جو سسٽم ايس ايم سي جو چيئرمين ھلائي رھيو آھي، وڌيڪ ان کي خبر ھوندي.