قمبر (رپورٽر) قمبر جي غريب آباد محلي ۾ سرڪاري محمد اسماعيل قادري پرائمري بوائز اسڪول کي چوڪيدار نه هئڻ سبب نشي جي عادي موالين پنهنجي آماجگاهه بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسڪول مان چوري ٿيڻ به معمول بڻيل آهي، ان سلسلي ۾ اسڪول جي هيڊ ماستر عبدالرزاق ڪلهوڙو ٻڌايو ته اسڪول ۾ چوڪيدار نه هئڻ ۽ چار ديواري ننڍي هئڻ سبب نشي جا عادي رات جو ڀت ٽپي اسڪول جي اڱڻ تي منشيات استعمال ڪن ٿا، هن چيو ته اسڪول جا پکا ۽ لوهي گرلون به چوري ٿي ويون آهن، هن چيو ته اسڪول ۾ چوڪيدار مقرر ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي جي اختيارين کي لکيو آھي پر هن وقت تائين ڪو به جواب ناهي آيو، هن تدارڪ ڪرڻ جي گهر ڪئي.