ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي جي شهرين جي ڏيڍ مهيني تائين مسلسل احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن جي باوجود پاڻي بحران ختم نه ٿيو. 45 هين ڏينهن به پريس ڪلب آڏو ٺٽو ڪراچي حيدرآباد قومي شاهراھ تي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي  اڳواڻن جمشيد قريشي، دلاور شيخ ، لالا غفار ، سعيد احمد ۽ ٻين چيو ته ڏيڍ مهيني کان پاڻي نه هجڻ خلاف احتجاج ڪيون پيا، شهر جو ڪوئي ڌڻي سائين ناهي، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته شهر ۾ ڪي ڊي اي واھ مان فوري طور تي پيئڻ جي پاڻي جي مستقل بنيادن تي فراهمي جاري نه ڪئي وئي ته سندن احتجاج جو سلسلو جاري آهي اهو جاري رهندو .