لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ آپڪا پراونشل هاءِ ويز طرفان هڪ کان چار گريڊ جي سياسي ڀرتين واري عمل خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پيادل مارچ ڪري مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي يار محمد مڱڻيجو، اسد الله ميرجت، عطاءُ الله ميرجت، غلام سرور شيخ، آفتاب جتوئي ۽ ٻين چيو ته سرڪاري کاتن ۾ پهرين کان چار گريڊ جون نوڪريون ميرٽ تي ڏيڻ بجاءِ سياسي بنيادن تي ڏيڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، هنن چيو ته سرڪاري کاتن ۾ سياسي مداخلت ڪري ملازمن کي پنهنجي جائز حقن کان محروم ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ملازمن ۾ مايوسي ڇانيل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پنهنجا نوازي پاليسي کان پاسو ڪري سياسي ڀرتيون بند ڪيون وڃن.