قاضي احمد (ن پ ا): قاضي احمد  گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول جي استادن ترقين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف اسڪول کان نيشنل  پريس ڪلب قاضي احمد تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي وئي مظاهري ۾ شامل وڏي انگ ۾ استادن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا  ان موقعي تي استاد شھمير ٻگھيو. ڌڻي بخش مھر. ملھار جوکيو فدا حسين.عابد ميرجت. نور الله ڪيريو.جان محمد انڙ ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته استاد 6 ڏينھن کان وٺي مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھن پر افسوس تعليم کاتي پاران نوٽيس نه ورتو ويو آھي ھنن چيو ته تعليم کاتي پاران پي ايس ٽي.مان ايڇ ايس ٽي) ۾ ڪيل پروموشن ۾ سينارٽي ۾ آيل استادن کي نظر انداز ڪري جونيئرز استادن جا پروموشن آرڊر ڪري کين ترقيون ڏنيون ويون آھن  جيڪا سينئر استادن سان ناانصافي آھي. ھنن اعلي ا.اختيارين  کان مطالبو ڪيو ته  جعلي ڪيل پروموشن رد ڪري سينارٽي مطابق استادن کي پروموشن آرڊر ڏنا وڃن.ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.