خيرپور (رپورٽر) سول اسپتال خيرپور ۾ مڊ وائيف جو ڪورس ڪندڙ شاگردياڻين پاران انيلا، شبانه، اقصيٰ ۽ ڪرن جي اڳواڻيءَ ۾ ليڊي ڊاڪٽر ۽ هاسٽل وارڊن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين شاگردياڻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته هاسٽل ۾ پيئڻ جي پاڻي، گيس سميت ڪي به سهولتون نه آهن. آواز اٿارڻ تي ڊاڪٽر ڪنول گاجاڻي ۽ هاسٽل وارڊن ڏمرجي پيون آهن. هاسٽل وارڊن موبائل فون ۽ پئسا ڦري بدتميزي ڪري ٿي. هنن چتاءُ ڏنو ته معاملي جو نوٽيس وٺي شاگردياڻين سان زيادتيون بند ڪرايون وڃن.