ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ فريئر هال سميت قديمي عمارتن ۾ نئين اڏاوت واري معاملي تي سنگل بينچ جي فيصلي خلاف ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب ۽ ڪي ايم سي جي اپيل تي مرتضيٰ وهاب کي جاري ٿيل شوڪاز نوٽيس معطل ڪري ڇڏيو . عدالت فريئر هال ۾ وڌيڪ  اڏاوت روڪي لاڳاپيل ادارن کي نئين اڏاوت کي ڊاهڻ کان به روڪي ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران ڪي ايم سي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ثقافتي ورثي کي نقصان  ڏيڻ بجاءِ وڌيڪ خوبصورت بڻايو پيو وڃي، عدالت اسان جو موقف ٻڌڻ بنا  اڏاوت ڊاهڻ جو حڪم ڏنو آهي. ياد رهي ته  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ 20 جون تي ماروي مظهر جي درخواست تي رجسٽرار آفيس جي عملي کي فريئر هال جي دوري جو حڪم ڏنو هو، عدالت فريئر هال جي ڀرپاسي ۾ تعمير ٿيندڙ ڪانڪريٽ اسٽرڪچر ( گيٽ ) کي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو هو.