نوابشاهه (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويڳي امڙ ۽ سينيئر پارليامينٽيرين مرحوم حاڪم علي زرداري  جي ٻئي گھر واري زرين آرا جي تدفين بالو جا قبا ۾ اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي، ان کان اڳ زرداري ھائوس ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مراد علي شاھ، ضياءُ الحسن النجار، حاجي علي حسن زرداري، طارق مسعود آرائين، خالد مقبول صديقي، رئوف صديقي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته سياسي شخصيتن پاران تعزيت جو سلسلو ھلندڙ آھي، ٻئي پاسي  اڄ جمعي ڏينهن منجھند جو 3 وڳي زرداري ھائوس نوابشاهه ۾ ٽيجھو ٿيندو، ترجمان موجب ٽيجھي ۾ آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر، عذره پيچوهو، آصفه ڀٽو زرداري۽ ٻيا شريڪ ٿيندا،