ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پورهيت کي هراسان ڪري سستا انب وٺندڙ اي ايس آءِ معطل، انڪوائري جو حڪم، ان ڏس ۾ لياري جي علائقي ميٺادر ۾ پورهيت کان سستي اگهه تي انب وٺڻ اي ايس آءِ کي مهانگو پئجي ويو، شهرين اي ايس آءِ عمران احمد کي پڪڙي سندس وڊيو رڪارڊ ڪئي.. شهرين موجب اي ايس آءِ پورهيت کي ڌمڪائي 60 رپيا ڪلو جي حساب سان انب ورتا، وڊيو منظرعام تي اچڻ بعد ايس ايس پي سٽي شبير سيٺار اي ايس آءِ کي معطل ڪري اي ايس پي بغدادي کي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو،