اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چونڊ سڌارن واري ڪاميٽي کان پوءِ فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ واري مامري تي غور لاءِ خصوصي ڪاميٽي جو قيام عمل آڻڻ مشڪل بڻجي ويو، مسلم ليگ (نواز)، جي يو آءِ (ف) کان پوءِ پيپلزپارٽي به فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ واري مامري تي غور لاءِ خصوصي ڪاميٽي جي قيام جي مخالفت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، مخالف ڌر جي وڏين پارٽين پاران مخالفت ڪرڻ کان پوءِ خصوصي ڪاميٽي جو قيام عمل ۾ آڻڻ جو مامرو مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويو، اسپيڪر پاران قومي اسيمبلي ۾ نمائندگي رکندڙ پارٽين کان فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ واري مامري تي غور لاءِ خصوصي ڪاميٽي لاءِ ميمبرن جا نالا گهريا ويا هئا، جنهن کان پوءِ مسلم ليگ (نواز)، جي يو آءِ (ف) پاران خصوصي ڪاميٽي کي رد ڪندي قومي اسيمبلي جي پوري ايوان کي ڪاميٽي ۾ تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، پيپلزپارٽي جي انتهائي سينيئر ۽ اهم عهديدار ٻڌايو ته پيپلزپارٽي به اصولي طور تي ان حوالي سان خصوصي ڪاميٽي جي قيام کي رد ڪندي پوري ايوان کي ڪاميٽي ۾ تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مخالف ڌر پاران خصوصي ڪاميٽي جي مخالفت سبب چونڊ سڌارن واري ڪاميٽي وانگر فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ واري مامري تي غور لاءِ خصوصي ڪاميٽي قائم ڪرڻ وارو مامرو به رولڙي جو شڪار ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي، ياد رهي ته ڪالعدم قرار ڏنل تحريڪ لبيڪ سان مذاڪرات کان پوءِ وفاقي حڪومت فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ واري مامري تي غور لاءِ قومي اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪئي هئي، جنهن تي تفصيلي غور لاءِ خصوصي ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو اختيار اسپيڪر قومي اسيمبلي کي ڏيڻ جي رٿ قومي اسيمبلي پاران منظور ڪئي وئي هئي.