اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ نواز) جي صدر شهباز شريف قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب شيرپائو سان فون تي رابطو ڪيو، نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب مطابق فون تي رابطي دوران آفتاب شير پائو شهباز شريف کي نيب تحُويل مان آزاد ٿيڻ تي مبارڪ ڏني ۽ ان لاءِنيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، شهباز شريف آفتاب شيرپائو جو شڪريو ادا ڪيو، فون تي رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ ڪورونا جي صورتحال خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن عوام ۽ ملڪ کي درپيش مسئلن جي حوالي سان رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو آهي.