فارن فنڊنگ ۽ نااهلي ريفرنس: عمران خان کي نوٽيس جاري

0
151
فارن فنڊنگ ۽ نااهلي ريفرنس
فارن فنڊنگ ۽ نااهلي ريفرنس: عمران خان کي نوٽيس جاري

غير قانوني فارن فنڊنگ ۽ نااهلي ريفرنس تي اليڪشن ڪميشن عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي
پي ڊي ايم طرفان اليڪشن ڪميشن ۾ داخل نااهلي ريفرنس تي پي ٽي آءِ چيئرمين کي 18 آگسٽ جڏهن ته فارن فنڊنگ ڪيس تي 23 آگسٽ تي طلب ڪيو آهي
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان موجب عمران خان کي 23 آگسٽ لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي
ڪاز لسٽ موجب اليڪشن ڪميشن 23 آگسٽ جي صبح 10 وڳي فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، جنهن لاءِ عمران خان کي نوٽيس جاري ڪيا ويا
ان کانسواءِ پاڪستان پي ڊي ايم طرفان فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ عمران خان جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ريفرنس تي به عمران خان کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي