قانون جو ڍانچو عدالت بدران اسيمبلي ۾ بحث هيٺ اچڻ گهرجي: سپريم ڪورٽ

0
227
قانون جو ڍانچو عدالت بدران اسيمبلي ۾ بحث
قانون جو ڍانچو عدالت بدران اسيمبلي ۾ بحث هيٺ اچڻ گهرجي: سپريم ڪورٽ

سُپريم ڪورٽ ۾ نيب قانون ۾ ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه جا ريمارڪس ڏنا آهن ته قانون جو ڍانچو عدالت بدران اسيمبلي ۾ بحث هيٺ اچڻ گهرجي، توهان سمجهو ٿا نيب قانون غلط آهي ته اسيمبلي ۾ بل ڇو نٿا آڻيو، قانون پارليامينٽ منظور ڪيو آهي، اُن جو احترام به ضروري آهي

چيف جسٽس چيو ته معيشت تباهي جي ڪناري تي آهي، عدالت کي عوامي مفاد به ڏسڻا هوندا آهن، ترميمن خلاف درخواست تي تڪڙ ۾ فيصلو نه ڪيو ويندو

 جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته اڄ جيڪا حڪومت آئي، اُن پنهنجا گناهه معاف ڪرائي ڇڏيا، نئين حڪومت به آئي ته اُها پنهنجا گناهه معاف ڪرائيندي

سُپريم ڪورٽ ترميمن بابت نيب کان جواب طلب ڪري ورتو، عمران خان ۽ وفاقي سرڪار کي لکت ۾ دليل جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي