ادارا هڪٻئي جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن: پ پ طرفان معاملو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اُٿارڻ جو مطالبو

0
269
پ پ طرفان معاملو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾
ادارا هڪٻئي جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن: پ پ طرفان معاملو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اُٿارڻ جو مطالبو

پاڪستان پيپلز پارٽي ادارن جي مبينا مداخلت جو معاملو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اُٿارڻ جو مطالبو ڪيو آهي

سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته پارليامينٽ خودمختيار ادارو آهي، ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسپيڪر قومي اسيمبلي کي نوٽيسز جاري ڪيا

وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته پنهنجي خودمختياري کي عدليه يا ڪنهن ٻئي اداري جي مداخلت کان محفوظ رکڻو آهي

رضا رباني چيو ته ادارا هڪٻئي جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن، آئين ۾ ڏنل اختيار اورانگهيا پيا وڃن