خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ فائيو سائيڊ ھاڪي ليگ ٽورنامينٽ خيرپور لائنز ٽيم کٽي ورتو. ان ڏس ۾ ڊسٽرڪٽ  ھاڪي ايسوسيئيشن پاران بخت علي ڏھوٽ ھاڪي اسٽيڊيم لقمان خيرپور ۾ فائيو سائيڊ ھاڪي ليگ جو فائنل ميچ خيرپور لائنز ٽيم ۽ خيرپور مارخور ٽيم وچ ۾ کيڏيو ويو. سخت مقابلي کانپوءِ خيرپور لائنز جي ٽيم ٽورنامينٽ 8-7 تان کٽي ورتو. فائنل ميچ جو مھمان خاص وزيراعليٰ سنڌ جو اڳوڻو صوبائي صلاحڪار اسد علي شاھ هو.. فائنل ميچ ۾ عنايت علي ڏھوٽ، پروفيسر ارشاد علي مانڊڻ، سيد ذاڪر حسين زيدي، سليم احمد ڦلپوٽو، فرحان احمد ابڙو، نجم الحسن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. آخر ۾ مھمان خاص ڪامياب رانديگرن کي ٽرافيون ۽ ڪيش انعام ڏنا.