ٿروواننٿاپرم(اسپورٽس نيوز) ڀارت ٽن ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز ۾ سريلنڪا کي ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ڀارت ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 390 رنز جو جبل ٺاهي ڇڏيو. شبمن گل 2ڇڪن ۽ 14 چوڪن جي مدد سان 97 بالن تي 116 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته اسٽار بيٽسمين ويرات ڪوهلي 8 ڇڪن ۽ 13 چوڪن جي مدد سان 166 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي سيريز ۾ ٻي سينچري اسڪور ڪيو. سريلنڪا جي ٽيم 22 اوورن ۾ 73 رنز تي ڍير ٿي وئي. ڀارت طرفان محمد سراج 4، محمد شادي ۽ ڪلديپ ياديو 2-2 وڪيٽون ورتيون. ويرات ڪوهلي کي پليئر آف دي ميچ ۽ پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.