محرابپور (ن پ ا) تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاھ، سيڪريٽري تعليم احمد بخش ناريجو، ڊي جي ڪاليجز ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ۽ ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز شھيد بينظير آباد پروفيسر شاھده پروين ابڙو جي خاص هدايتن تي پنجين سنڌ ڪاليج گيمز ۾ حصو وٺڻ لاءِ نوشهروفيروز ضلعي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جا اسپورٽس ٽرائلز پنهنجي مقرر تاريخن تي ضلعي جي فوڪل پرسن ۽ ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج محرابپور علي جواد ملاح جي سربراهي ۾ جوڙيل آرگنائيزنگ ڪاميٽي، گرلز جا گرلز ڊگري ڪاليج مورو ۽ بوائيز جا گورنمينٽ بوائيز ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو ۾ اسپورٽس ٽرائلز ورتا ويا، جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين 10 مختلف راندين جنهن ۾ ڪرڪيٽ، ايٿليٽڪس، بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس، رسا ڪشي، والي بال ۽ ٻين راندين ۾ حصو ورتو، بهتر ڪارگردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن جي چونڊ ڪئي وئي آهي.