اسلام آباد (م ڊ) قانون لاڳو ڪندڙ ادارن غيرملڪي ڳجهي ايجنسي جي ايجنٽس کي حساس معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪيس ۾ رٽائرڊ فوجي آفيسر سوڌو 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، نجي ٽي وي چينل ايڪسپريس نيوز موجب ليفٽيننٽ ڪرنل رٽائرڊ عرفان حميد ڪياني سميت 2 گرفتار جوابدارن ضمانت لاءِ هاءِڪورٽ سان رابطو ڪيو ته عدالت ۾ ان ڪيس جو انڪشاف ٿيو، جڏهن ته جوابدارن جي استعمال هيٺ اليڪٽرانڪ ڊوائسز فرانزڪ لاءِ ليب اماڻيون ويون. ٻين جوابدارن ۾ صفدرالرحمان، تنزيل الرحمان، محمد وقار، محمد اشفاق، محمد طاهر، محمد اشرف، احمد ڪياني شامل آهن.