ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ورلڊ بينڪ جي ڏکڻ ايشيا واري ريجنل نائب صدر هارٽ وِگ ۽ ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن ھاسين سان وڊيو لنڪ اجلاس ۾ مختلف شعبن ۾ پارٽنرشپ فريم ورڪ 2022 کان 2026 ع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو ته ورلڊ بئنڪ سان ايندڙ چئن سالن جي شراڪتداري دوران معاشي ترقي واري نئين دور جي شروعات ٿيندي. تعليم، صحت، موسمي تبديلي، معاشي ترقي ۽ غربت جو خاتمو وارا نقطا اهم هوندا،. وڏي وزير ورلڊ بينڪ کي ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ برساتي نالن تان حددخلين کي هٽايون ويو ن آهن، جنھن جي نتيجي ۾ 6500 خاندان متاثر ٿيا آهن. سندس حڪومت متاثر ماڻهن کي گهر ٺاھڻ لاءِ پلاٽ الاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مرتضيٰ وهاب کي ڪي ايم سي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو آهي، هُو ورلڊ بينڪ جي سھڪار سان شهر ۾ ھلندڙ سمورن منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪندو. سيد مراد علي شاهه ورلڊ بئنڪ عملدارن تي زور ڀريو ته ڪراچي وانگر حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي لاءِ ترقياتي پيڪيج ڏنا وڃن. ورلڊ بينڪ جي نمائندن روڊن جي تعمير، پاڻيءَ جي فراهمي، ڊرينيج سسٽم، بس اسٽينڊ لاءِ ترقياتي پيڪيجز مهيا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان ڳالھھ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته صوبائي حڪومت مختلف ضلعن جي هيڊڪوارٽرن جي ترقيءَ لاءِ هڪ ڪانسيپٽ پيپر پيش ڪندي، جنهن تي غور ڪيو ويندو.