اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف اعليٰ اختياراتي بورڊ جو اجلاس اڄ سومر ڏينهن طلب ڪري ورتو آھي ذريعن مطابق اجلاس ۾ مختلف سروس گروپ جي گريڊ 21 جي آفيسرن کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏيڻ تي غور ڪيو ويندو ذريعن مطابق گريڊ 21 جي 30 کان وڌيڪ آفيسرن کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏيڻ  جي منظوري ڏيڻ تي غور ڪيو ويندو، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي گريڊ 22 ۾ ترقي ڏيڻ تي غور ڪيو ويندو، جڏهن ته بجلي وزارت  جي وفاقي سيڪريٽري راشد محمود، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان محي الدين واني، پيٽروليم جي وفاقي سيڪريٽري محمد محمود، ڊي جي سول ايوي ايشن اٿارٽي خاقان مرتضيٰ، آمنه عمران، وسيم مختيار چوڌري، عبدالله سنبل، ارم بخاري، عبدالزيز عقيلي، ڪنور شاهه رخم، ڊاڪٽر امير احمد شيخ، عامر ذوالفقار خان، غلام رسول زاهد، سڌسماءَ جي وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد کي به گريڊ 22 ۾ ترقي ڏيڻ تي غور ٿيندو.