ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پرائيويٽ اسڪولن جي تنظيم  جو اڳواڻ گهر ٻاهران گوليون هڻي قتل، گورنر نوٽيس ورتو، ان ڏس ۾ گلستان جوهر جي بلاڪ 7 ۾ انورالقران وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري 55 ورهين جي سيد خالد رضا پٽ سيد وصي کي قتل ڪري ڇڏيو، سندس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب مقتول فيڊريشن آف پرائيويٽ اسڪولز جو وائيس چيئرمين هو، سندس ارقم جي نالي سان پنهنجو به اسڪول سسٽم آهي. پوليس موجب مقتول جي کيسي ۾ پئسا، قلم، چشمو، پرس پيل هئا، کانئس ڪا به شي ڦر ناهي ٿي، واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو ٿي سگهي ٿو.  ذاتي دشمني ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ سميت هر رخ کان واقعي جي جاچ ڪئي ويندي. هوڏانهن واقعي جو اطلاع ملندي ئي نجي اسڪولن جا عهديدار اسپتال پهچي ويا، پوليس پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، ٻئي طرف گورنر ڪامران ٽسوري واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. هوڌانهن اڄ ڪراچي جا خانگي اسڪول بند رهندا