اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم شهباز شريف بارکان جي علائقي رکني بازار ۾ ٿيل ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم بلوچستان جي وڏي وزير ۽ آءِ کان رپورٽ طلب ڪندي زخمين کي بهترين طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگرد سزا کان بچي نٿا سگهن. ناحق خون وهائيندڙن کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين. هوڏانهن صدر عارف علوي به ڌماڪي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو.