لاهور (م ڊ) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي اڳوڻي چيئرمين عثمان ڊار جي مبينا پرسنل اسسٽنٽ جو اعترافي بيان سامهون اچي ويو آهي، جاويد علي پنهنجي وڊيو بيان ۾ اعتراف ڪري ٿو ته اين اي 67 جي 4 يونين ڪائونسلز جي 5 ٺيڪيدارن کان 50 لک رپيا گڏ ڪيا، جيڪي عثمان ڊار جي ڀاءُ احمد ڊار کي ڪميشن طور ڏنا. جڏهن ته اهڙي اعترافي وڊيو کانپوءِ جاويد علي قرآن شريف تي هٿ رکي قسم کڻندي چيو آهي ته عثمان ڊار جو پي اي ناهيان ۽ نه وري ڪنهن ٺيڪيدار کان پيسا وٺي عامر ڊار کي ڏنا آهن، عثمان ڊار سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد علي چيو ته پوليس اهلڪار اکين تي پٽيون ٻڌي کنڀي ويا، تشدد ڪيو ويو، گهرواري ۽ ٻارن کي ٿاڻي تي آڻڻ جي ڌمڪي ڏني ته آئون ٽٽي پيس پوءِ واش روم ۾ منهنجو بيان رڪارڊ ڪيو ويو، مونکي چيو ويو ته هي بيان ڏيڻوآهي، هڪ ڏينهن مونکي بيانن ياد ڪرڻ ۾ لڳو، اصل حقيقت اها آهي، هن چيو ته مونکي ايئن ٻڌو ويو، جيئن ڪنهن ڪُٽي کي ٻڌو ويندو آهي.