اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته  سنڌ ۽ پنجاب ۾ چورن جون حڪومتون چونڊن تي ڌاڙا هڻڻ ۾ رڌل آهن، اليڪشن ڪميشن خاموش تماشائي بڻيل آهي. اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي سياسي ڪاميٽي جي اجلاس دوران اڳوڻي وزيراعظم چيو ته غلامن کي قوم تي مڙهيل رکڻ لاءِ سمورو جمهوري نظام داءَ تي لڳايو پيو وڃي. وفاقي راڄڌاني ۾ ڪوٺايل اجلاس ۾ ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال ۽ ايندڙ حڪمت عملي جو تفصيلي جائز ورتو ويو. عمران خان جو چوڻ هو ته ڊنل سرڪار آئين، قانون ۽ جمهوري قدرن جا بخيا ائين اڊيڙي رهي آهي، جيئن ڪنهن آمر به ناهن اڊيڙيا. سندس چوڻ هو ته حڪومت خلاف ڀرپور تحريڪ ملڪ ۽ قوم جو مستقبل لاءِ اهميت رکي ٿي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته معاشري جي هر طبقي خاص طور نوجوان ۽ عورتن ۾ سياسي شعور متاثر ڪندڙ سطح تائين پهچي چڪو آهي. هن چيو ته باشعور عوام جو پرجوش رد عمل ڪٺ پتيلن لاءِ خوف جي علامت بڻجي چڪي آهي. هن جو چوڻ هو ته عوام کي مهانگائي جي اذيت ۾ وجهي چورن لاءِ اين آر او ٽو جو اهتمام قوم رد ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته حقيقي آزادي جي پرامن جمهوري تحريڪ ئي قوم کي ان تباهي مان ڪڍندي جنهن ۾ غلامن ان کي وڌو آهي.