اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي باغي اڳواڻ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر عائشا  گلالئي مطالبو ڪيو آهي ته ادارن خلاف تحريڪ انصاف جي مهم هلائڻ تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي غداري جو ڪيس هلايو وڃي. هن سپريم ڪورٽ کي لکيل خط ۾ چيو ته ادارن خلاف مهم هلائڻ تي اعليٰ عدالت پاڻمرادو نوٽيس وٺي ۽ تحريڪ انصاف تي سياسي پارٽي طور پابندي لاڳو ڪئي وڃي. عائشا گلالئي سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي جيڪو شرمناڪ انداز ۾ ادارن کي سياست ۾ گهلي رهيو آهي. اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر وڌيڪ چيو ته عمران خان ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙي رهيو آهي، تازو صوبائي حڪومت ڪي پي ۾ 736 ملين رپين جو عوامي پيسو خرچ ڪري ڪارڪنن کي ڀرتي ڪيو.