اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجا آصف جو قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي  چيو ته عمران برطانيا، آمريڪا ۽ ڪئناڊا کان ادارن تي حملا پيو ڪرائي رهيو آهي، عمران خان جَي ڪري ڪئناڊا جي پارليامينٽ ۾ هڪڙي ماڻهوءَ اٿي اسان جي اداري خلاف ڳالهايو، عمران خان رڳو عوام کي ئي نه پر پرڏيهه ۾ رهندڙ هڪ ڪروڙ پاڪستانين کي به ورهائي ڇڏيو آهي، ڪئناڊا جي پارليامينٽ ۾ قومي اداري ۽ ان جي سربراهه خلاف ڏنل بيان جي مذمت ڪيون ٿا، هن چيو ته ڪئناڊا جي پارليامينٽيرين خلاف پاڪستان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، پارليامينٽ کي به ان جي خلاف آواز اٿارڻ گهرجي، هن چيو ته عمران خان پهريون اڳواڻ آهي جنهن نيويارڪ، لنڊن ۽ ٽورنٽو ۾ پنهنجي ملڪ کي بدنام ڪيو آهي، اڳوڻو وزيراعظم عمران خان لابسٽس ذريعي آرمي چيف خلاف بيان ڏياري رهيو آهي. هن چيو ته تنقيد ڪندڙ ڪئناڊا جي پارليامينٽ جي ميمبر انساني حقن ۽ پاڪ فوج جو به ذڪر ڪيو آهي، ان اهو به چيو ته پاڪ فوج مداخلت ڪري پاڪستان ۾ عمران خان جي حڪومت ختم ڪرائي آهي، ڪنهن به پارليامينٽ جي ميمبر جو احترام آهي پر اسان جي ملڪ ۽ ادارن بابت ڳالهايو ويو آهي، هن چيو ته ڪئناڊا کي جواب ڏيڻ ضروري آهي، اتي مسلمانن سان تعصباڻو رويو آهي، ڪئناڊا ۾ به انساني حقن جون خلاف ورزيون ٿينديون آهن ان جو اسان کي علم آهي.