لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ عورت مارچ جي اجازت لاءِ داخل درخواست تي ڊپٽي ڪمشنر لاهور ايس پي سول لائن کي اڄ طلب ڪري ورتو، هاءِ ڪورٽ جي جسٽس انوار حسين  عورت مارچ جي اجازت لاءِ داخل شهري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار مطابق ڊي سي لاهور کي عورت مارچ لاءِ درخواست ڏني پر اجازت نه ملي، تنهن ڪري عدالت عورت مارچ ڪرڻ ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي. عدالت ڊي سي لاهور ۽ ايس پي سول لائن کي اڄ جواب سميت طلب ڪيو.