حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان سڀاڻي 8 مارچ تي حيدرآباد ۾ شهباز بلڊنگ کان پريس ڪلب تائين عورت آزادي مارچ ڪيو ويندو. ان ڏس ۾ عورت آزادي مارچ جي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي اڳواڻن امر سنڌو، ڊاڪٽر حسين مسرت، ماروي اعواڻ ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي. هنن چيو ته هر سال جيان هن ڀيري به عورت آزادي مارچ ۾ وڏي انگ ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي پورهيت ۽ هارياڻين عورتن سان گڏجي مارچ ڪيو ويندو جڏهن ته ناليواري ليکڪه نورالهديٰ شاهه سميت ٻيون عورت اڳواڻ مارچ کي پريس ڪلب وٽ خطاب ڪنديون. آرگنائيزنگ ڪميٽي موجب گذريل سال ڪيل مطالبن جي نتيجي ۾ سندن 3 مطالبا پورا ٿيا جنهن ۾ پنڪ بس سروس ۽ حيدرآباد شهر ۾ کين ٽرانسپورٽ مهيا ڪرڻ لاءِ هو جڏهن ته ٽيون مطالبو اعلان جي حد تائين ته پورو ٿيو آهي پر ان ۾ ڪا گهڻي پيش رفت ناهي ٿي سگهي جيڪو يونيورسٽي سطح جي شاگردياڻين کي بائيڪس فراهم ڪرڻ لاءِ هو پر هو هن سال به ساڳيو مطالبو ورجائيندا ته وڏن شهرن ۾ ڇوڪرين جي ڪاليجن ۽ هاءِ اسڪولن لاءِ کين سرڪاري سطح تي ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪيو وڃي جڏهن ته حيدرآباد جي پنڪ بس کي ڪاليجن لاءِ مخصوص ڪرڻ سان گڏ وڏن شهرن ۾ ورڪنگ وومين هاسٽل جو قيام عمل ۾ آندو وڃي جنهن ۾ ڪراچي ۾ 500 ڪمرن تي مشتمل، حيدرآباد ۾ 300، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ 100-100 ڪمرن جا ورڪنگ وومين هاسٽل ٺاهيا وڃن. اڳواڻن چيو ته هن ڀيري عورت آزادي مارچ جو سڀ کان مٿانهون مک مطالبو اهو آهي ته بي زمين هارياڻين کي زمين ڏئي کين مالڪاڻا حق فراهم ڪيا وڃن.