اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته لڳي ٿو ته پاڪستان کي اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي جيڪو قومي مفادن جي خلاف هجي. ٻڌايو وڃي ته ڇا اسان جا ايٽمي اثاثا دٻاءُ ۾ ته نه آهن؟ پنهنجي بيان ۾ سينيٽر رضا رباني چيو ته معاهدي تي صحيحون ڪرڻ تي آءِ ايم ايف طرفان پير پوئتي ڪرڻ ۽ چين کان سواءِ ٻين دوست ملڪن جي لنوائڻ تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ضرورت آهي. ائين لڳي ٿو ته پاڪستان کي اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي جيڪو قومي ۽ اسٽريٽجڪ مفادن جي خلاف آهي. رضا رباني چيو ته عوام کي اهو ڄاڻڻ جو حق آهي ته ڇا اسان جا ايٽمي اثاثا دٻاءُ ۾ آهن؟ چين سان اسان جا اسٽريٽجڪ لاڳاپا خطري ۾ آهن يا اسان کي خطي ۾ اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ چيو پيو وڃي جيڪو سامراجي طاقت جي فوج جي موجودگي کي آسان بنائيندو؟ هن چيو ته اهي سوال گڏيل پارليامينٽ جي فلور تي وزيراعظم جي پاليسي بيان جا گهرجائو آهن. ٽي ٽي پي جا سوال ۽ دهشتگردي ۾ واڌ تي به حڪومت طرفان بحث يا بريفنگ ناهي ملي سگهي، لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ هجي يا موجوده حڪومتون سڀ پارليامينٽ مان آزادي چاهين ٿيون.